SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


حفاظتي مطالعا- جنگي حڪمت عمليءَ جو اڀياس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


حفاظتي مطالعا- جنگي حڪمت عمليءَ جو اڀياس

Security Studies

سڪيورٽي اسٽڊيز

پرڏيهي پاليسيءَ ۽ بين الاقوامي تعلقات جي دائري ۾ ”سيڪيورٽي“ بابت ڄاڻ کي تمام وڏي اهميت حاصل آهي. ”سرد جنگ“ دوران فوجي قوت واڌائڻ ۽ انهن جي طريقئه ڪار واري ٿيندڙ رٿابندي ”سيڪيورٽي“ جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن جي مشهورن سان عمل ۾ آڻبي هئي. ”سرد جنگ“ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، ”سيڪيورٽي“ لفظ کي صرف فوجي ۽ سياسي حوالي سان نه بلڪه معاشي ۽ ماحولياتي حوالي سان به ڪم آندو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحولياتي گدلاڻ ۽ تجارتي سرگرمين ۾ ڀروسي ٽٽڻ جهڙا مسئلا پئدا ٿيڻ لڳا، اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن کي سياسي ۽ قانوني تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ ماحول ۽ معاشي سرگرمين ۾ به ”سيڪيورٽي“ جي دائري کي شامل ڪيو ويو.گڏيل قومن جي اداري پاران تجارتي ضابطا مقرر ڪرڻ لاءِ ”ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن“ (WTO) ۽ ماحولياتي بچاءُ لاءِ ”انٽرنيشنل پينل فار ڪلائميٽ چينج“ (IPCC) جهڙا ادارا، ”سيڪيورٽي اسٽڊيز“ ۾ انهيءَ ڪري شامل ڪيا ويندا آهن، ته جيئن ماهر اهو طئه ڪري سگهن ته ملڪن جي ضرورتن ۽ صلاحيتن مطابق، ڪهڙي طرح معاشي ۽ ماحولياتي قاعدا ۽ قانون مقرر ڪيا وڃن. نامياري سماجي سائنسدان ’ڪيمپبل‘ موجب، بين الاقوامي ناتن ۾ ”سيڪيورٽي “ جو دائرو هن وقت ايتروته وسيع ٿيندو وڃي پيو، جو دنيا جي هر شعبي ۾ ان جي اهميت محسوس ڪئي وڃي ٿي، هن وقت ”سيڪيورٽي“ اسٽڊيز جو شعبو گهڻي قدر بين الاقوامي تعلقات جي مضمون سان لاڳاپيل آهي، پر تمام جلد ”سيڪيورٽي اسٽڊيز“ کي هڪ الڳ ضابطي ۽ شعبي طور ڳڻيو ويندو


Remember Me Also:

چيئن چاڙهڻ

سوريءَ چاڙهڻ. آزار ۾ وجهڻ. سورن ۾ وجهڻ. ”مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهِري“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal